شاهه حسين قبرستان

شاهه حسين قبرستان

شاهه حسين قبرستان

شاهه حسين قبرستان: ٺٽي کان ڪراچي ويندڙ انڊس هاءِ وي تي گجي ۽ ٺٽي جي وچ تي هڪ ٽڪريءَ جي لاهيءَ تي هيءُ قبرستان موجود آهي. هڪ ٽاڪرو رستو انڊس هاءِ وي کان نڪري انهي قبرستان ڏانهن وڃي ٿو. قبرستان تي پهچڻ لاءِ هڪ ڪئنال تان گذرڻو پوندو جنهن تي پل طور هڪ وڻ ڪٽي ان جو ٿڙ رکيو ويو آهي. مقامي ماڻهو انهي رستي تان ئي گذري، هن قبرستان ۾ لاش پورڻ ايندا آهن. انهيءَ قبرستان ۾ ڪجهه قبرون پٿر جون (گهاڙويون) آهن، جن مان ڪي 15هين صدي عيسويءَ جي وچ واري دور جون آهن، جڏهن ته گهڻيون قبرون 17هين ۽ 18هين صديءَ جون آهن. 17هين صدي جي هڪ قبر جي پاسن کان هڪ گهوڙي سوار جي تصوير چٽيل آهي جڏهن ته ٻيو ماڻهو پيدل ان جي اڳيان هلندي ڏيکاريو ويو آهي. هن قبر جو پاسي وارو حصو اڪيريل پٿرن جي ٽن طبقن ۾ ورهايل آهي. قبر وارو پهريون خانو ڄاريءَ مثل ٽڪ ڪري ٺاهيو ويو آهي، وچون خانو گهوڙيسوار ۽ پيادي جو جڏهن ته ٽيون خانو ٽن حصن ۾ ورهائي ان ۾ مختلف جانور ڏيکاريا ويا آهن. اها ترتيب قبر جي ٻئي طاق تي به رکيل آهي. سڄي طاق کي چورس پٽي ڏئي ان پٽيءَ ۾ ايٽ ڇاپ زنجير ٺاهي وئي آهي. مٿان شاندار مهرو يا تعويذ ڏنل آهي. ڪتبو ڪٿي به ڪو نه آهي. قبر هڪ پٿر جي ٿلهي تي ٺهيل آهي، ٿلهي جي چوڌاري به هڪ ٽِڪائين زنجير اُڪيري وئي آهي. هن قسم جون قبرون سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي قبرستانن ۾ ملن ٿيون. خاص طور تي سونڊا جي قبرستان ۾ هن قسم جي اڪيريل قبرن جو جهجهو تعداد موجود آهي، جن مان هڪ قبر جنهن جي پاسن کان مستطيل چوراسي اڪيريل پٽي ڏئي زيورن جي اڪر ڪئي وئي آهي. هڪ زيور تعويذن جو آهي، جنهن ۾ پنج تعويذ ڏيکاريا ويا آهن. ٻه نڪ ۾ پائڻ جا زيور ۽ هڪ ڳچيءَ ۾ پائڻ جو ڳهه اڪيريل آهي. اها قبر به هڪ سادي پٿر جي تختي جي مٿان رکيل آهي. قبر جي مهاڙيءَ ۾ مٿي جنڊو يا گلدستي وانگر انگ رکيو ويو آهي.


لفظ شاهه حسين قبرستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو